SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


راند واري سفارتڪاري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


راند واري سفارتڪاري

Ping Pong Diplomacy

پنگ پانگ ڊپلوميسي

قديم زماني کان چيني سماج ۾ راند جي وڏي اهميت رهي آهي ، انهيءَ ڪري منڍ کان وٺي حڪومتي معاملن ۾ به راند جي اهميت کي ڪتب آندو پئي ويو آهي . ان سلسلي جو هڪ مثال چين-آمريڪي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ جي حوالي سان گذريل صديءَ ۾ به نظر آيو . 1970ع جي ڏهاڪي ۾ چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل ڳجهن رابطن جي نتيجي ۾ ٿيل ويجهڙائپ کي پڪو ڪرڻ لاءِ چين طرفان جاپان جي دوري تي ’عالمي ٽيبل ٽينس جي چيمپينشپ‘ لاءِ آيل آمريڪي ٽيم کي ٽيبل ٽينس (هن راند کي پنگ پانگ جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي ) جي ٽيم کي 6-اپريل 1971ع ۾ چين جي دوري جي دعوت ڏني . ان دعوت جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سنون سڌن رابطن جي ابتدا ٿي ۽ نتيجي ۾ اڳتي هلي صدر رچرڊ نڪسن جو چين جو دورو ممڪن ٿيو ۽ ٻنهي ملڪن سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا . اڄوڪي دور ۾ راندين جي وفدن جي مٽا سٽا ذريعي سفارتي واسطيداريون وڌائڻ لاِ ِءِ ’پنگ پانگ سفارتڪاريءَ‘ جو اصطلاح ڪتب ايندو آهي


Remember Me Also:

علم فلسفه

ذ. علم حڪمت هن ۾ طبعي، رياضي ۽ اِلاهي ٽيئي علم اچي وڃن ٿا.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal